ترچ مير چوٽي

ترچ مير چوٽي

ترچ مير چوٽي

ترچ مير چوٽي: هندوڪش جبل جي سڀ کان اوچي چوٽي ترچ مير آهي، جنهن جي اوچائي 25282 فوٽ آهي. هن جبل کي ڪوهه پيمائن سر ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ڪئي آهي. هندوڪش ۾ ڪوهه پيمائيءَ جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي. آمد رفت جي ڏکين ذريعن ۽ سياسي ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڪري ماضيءَ ۾ ڪوهه پيمائي ممڪن نه هئي، پهريون ترچ مير چوٽيءَ 21 جولاءِ 1950ع ۾ هڪ چئن ڄڻن جي ٽيم سر ڪئي، جنهن جو سربراهه ناروي جو ڪوهه پيما ڪچن برگ هو، جڏهن ته هن ٽيم ۾ هڪ پاڪستاني ڪوهه پيما مرزا حميد بيگ به شامل هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو